آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل اسپتال ڀيڙو

ايڊيليڊ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل کي رات دير سان پارٽي ۾ حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ سبب اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پئجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گلين ميڪسويل کي ايڊيليڊ ۾ رات دير تائين پارٽي کانپوءِ جمعي جي ڏينهن ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ميڪسويل کي گهڻو شراب واپرائڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، طبي معائني کانپوءِ هو ساڳي ئي ڏينهن گهر هليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.