حڪومت جو مختلف سرڪاري ادارن جي خاص آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مختلف سرڪاري ادارن جي خاص آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ آڊٽ جي پلان کان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت مختلف سرڪاري ادارن جي خاص آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سوئي سدرن گئس ڪمپني، حيسڪو ۽ پيسڪو جي خاص آڊٽ ڪئي ويندي، حڪومت خاص آڊٽ ڪرائڻ بابت پلان کان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
نگران حڪومت خاص آڊٽ لاءِ آڊيٽر جنرل کي چئي ڇڏيو آهي ۽ خاص آڊٽ جي اسڪوپ ۽ ٽي او آرز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته خاص آڊٽ جاري ٽن مهينن دوران شروع ڪرڻ جو پلان آهي.
حڪومت آءِ ايم ايف کي سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ شفافيت آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.