” غزا جا معصوم ٻار مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن“ عثمان خواجا جو جوتا نيلام ڪرڻ جو اعلان

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا غزا جي ٻارن جي مدد لاءِ پنهنجا جوتا نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي عثمان خواجا پنهنجا جوتا نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جتي هن جوتن جي تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو ته هو پنهنجا جوتا نيلام ڪري رهيو آهيان ۽ نيلامي 12 فيبروريءَ تي ختم ٿيندي.


هن چيو ته غزا جي معصوم ٻارن کي اوهان جي مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، تمام آمدني يونيسيف چلڊرن آف غزا اپيل لاءِ هوندي.
عثمان خواجا پاران نيلامي لاءِ پيش ڪيل جوتن تي ” تمام زندگيون برابر آهن، آزادي انساني حق آهي“ لکيل آهي.
ياد رهي ته عثمان خواجا گذريل مهيني پاڪستان خلاف ٽيسٽ ميچ دوران اِهي جوتا پائڻ کان روڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.