سياستدانن جون دعوائون ڪوڙيون؟ 300 يونٽن تائين مفت بجلي جي فراهمي ناممڪن قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) معاشي ماهر خرم شهزاد چيو آهي ته 300 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي معاشي ماهر خرم شهزاد چيو ته اهو ممڪن ناهي ته 300 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪري سگهجي، سياسي جماعتن کي اهڙي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي، سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهو ئي ڪيو ويندو آهي، جيڪو آءِ ايم ايف چوندو آهي.
هن چيو ته سولر پاور سان تمام گهڻي بجلي پيدا نٿي ڪري سگهجي، اسان کي پاڻي مان بجلي ٺاهڻي پوندي، اهو ٿي سگهي ٿو ته بجلي ۾ شامل ڪيل ٽيڪس گهٽايا وڃن، بجلي اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
واضح رهي ته چونڊ مهم دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقتدار ۾ اچي 300 يونٽن تائين بجلي مفت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ن ليگ جي حمزا شهباز به اها ئي دعويٰ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.