پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي پي سي بي ۾ اهم عهدو ڏيڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي جاءِ تي محسن نقوي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
محسن نقوي هن وقت پنجاب جو نگران وڏو وزير آهي، جنهن کي بورڊ آف گورنرز ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بورڊ آف گورنرز ۾ وزيراعظم جون ٻه نامزدگيون هونديون آهن، هڪ مصطفيٰ رمدي آهي ۽ ٻي نامزدگي تي محسن نقوي کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ بورڊ آف گورنرز مان ئي چيئرمين چونڊيو ويندو آهي.
ان ڏس ۾ صحافي محسن نقوي کان سوال ڪيو ته اوهان کي پي سي بي چيئرمين مقرر ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي هن چيو مرڪندي جواب ڏنو ته ڇا واقعي مون کي پي سي بي چيئرمين بڻايو پيو وڃي؟ .
هن پي سي بي چيئرمين بابت تصديق ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ جا معاملا به تيزيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڪرڪيٽ ۾ سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ملڪ جي خدمت لاءِ جيڪو ڪردار ملندو اِهو نڀائيندس، پنهنجي ڪابينا ۾ به هڪ ڪرڪيٽر کي وزير بڻايو.
واضح رهي ته 19 جنوري کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ۽ ميمبر بورڊ آف گورنرز ذڪاءَ اشرف عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.