پي سي بي ۾ اٿل پٿل، انضمام الحق به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي ۾ اٿل پٿل انضمام الحق به خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته گذريل ڇهن مهينن جو عرصو قومي ٽيم لاءِ سٺو ناهي رهيو.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته ڪنهن کي به ٽن کا ڇهن مهينن لاءِ مقرر نه ڪرڻ گهرجي، گذريل ڇهه ساڍا ڇهه مهينا پاڪستاني ٽيم لاءِ سٺا ناهن رهيا.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) عبوري انتظامي ڪميٽي جي رڪن مصطفيٰ رمدي چيو ته ذڪاءَ اشرف پنهنجي دور ۾ انتظامي ڪميٽي کي سائيڊ لائين ڪيو، ڪميٽي سان ڪنهن به فيصلي بابت مشاورت نه ڪئي ويندي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي ڏهن مهينن کان ايڊهاڪ ازم تي هلي رهيو آهي ۽ اڊهاڪ ازم به ون مين شو هلي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.