ايران ۾ پاڪستاني حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪير هئا؟ اهم تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ( بي ايل اي ) جي ٿاڪن تي پاڪستاني اسٽرائيڪ جي نتيجي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا شروعاتي تفصيل سامهون اچي ويا.
تفصيلن موجب، مارجي ويل دهشتگردن ۾ دوستا عرف چيئرمين، ساحل عرف شفق، محمد وزير عرف وازو، سرور ولد اصغر ۽ بجر عرف سوغات شامل آهن.
حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد دوستا عرف چيئرمين ضلعي پنجگور جو رهندڙ هو جنهن 2013ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي، هو بي ايل ايف جي ڪمانڊر فضل شير عرف طاهر گروپ جو ميمبر هو.
دوستا عرف چيئرمين زامران سيڪٽر ۾ منشيات فروشي ۽ ڦر لٽ سميت پروم سيڪٽر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪيئي حملن ۾ ملوث رهيو.
مارجي ويل دهشتگردن سان گڏوگڏ اصغر عرف بشام جو پٽ سرور به شامل آهي جيڪو پنجگور ضلعي سان واسطو رکندڙ هو، هن 8 جون 2021ع تي فنٽيئر ڪور جي پيٽرولنگ پارٽي کي فائرنگ جو نشانو بڻايو، فيبروري 2023ع ۾ اصغر بشام پنجگور جي بس اسٽينڊ تي فائرنگ ڪري محمد انصر کي شهيد ڪيو ۽ 21 نومبر 2023 تي سندس فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو.
مارجي ويل دهشتگرد وزير عرف وازو شروعاتي طور تي 14/2013 ۾ بلوچ ريپبلڪن آرمي ۾ شامل ٿيو ۽ هن 2019ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي، دهشتگرد محمد وزير عرف وازو بي ايل ايف جي دهشتگرد عابد عرف چاڪر جو ڀاءَ هو، دهشتگرد پروم، گوار گو ۽ پنجگور ضلعي ۾ ڪيئي دهشتگرد سرگرمين جو حصو هو.
حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد بجر عرف سوغات 2016ع ۾ بي ايل ايف جو حصو بڻيو، بجر عرف سوغات پروم سيڪٽر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڪيئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هو.
ان کانسواءِ ساحل لنگ عرف شفق به مارجي ويل دهشتگردن ۾ شامل هو جيڪو معصوم پاڪستانين ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث رهيو، ساحل لنگ دهشتگرد بلبل جو ڀاءَ هو جيڪو مارگٽ ۽ هرنائي واري علائقي ۾ ڀتي ۽ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.