سنڌ ۽ بلوچستان مان جبري گمشدگين خلاف سنڌ ليفٽ ڊيمو ڪريٽڪ فرنٽ جا مظاهرا، مارچ

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) بلوچن جي نسل ڪُشي ۽ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ خلاف ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پاران اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ به اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ شامل عورتن ۽ شاگردن جي هٿ ۾ پلي  ڪارڊ کنيل هئا ۽ بلوچ عوام جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي پئي وئي، احتجاجي ميڙ کي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ادريس لغاري، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر اسلم پرويز، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي وفاقي صدر عاليه بخشل، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نثار لغاري، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ثمر جتوئي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ تاج مري، وطن دوست جمهوري پارٽي اڳواڻ عرض رتڙ، طبقاتي جدوجهد جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ نثار چانڊيو، آءِ ايم ٽي اڳواڻ علي عيسيٰ، پي آر ايس ايف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علي احمد سميت ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن خطاب ڪيو. اڳواڻن احتجاج ڪندڙن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ جي قيام کان رياست بلوچستان مٿان جنگ مڙهي آهي ۽ اڄ به ان کي بدترين بيٺڪيت وانگي هلايو پيو وڃي. وسيلن سان مالامال هن خطي جي عوام جي ٻهراڙي ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري رهيا آهن، ان سان گڏ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري رياستي پاليسي جو سڀ کان گھڻو شڪار بلوچستان رهيو آهي. هنن چيو ته اهڙي حالت ۾ جڏهن بلوچستان منجھان ڪا به خبر ٻاهر نه پئي نڪتي ته ماهه رنگ بلوچ  جي اڳواڻي ۾ بلوچستان جون بهادر ڌيئرون ۽ پُٽ پاڻ خبر بڻجي اسلام آباد پُهچي ويا. جتي  پهرين کين اچڻ ڪونه ٿي ڏنو ويو، پوءِ وري  سياري جي سخت رات جو مٿن ٿڌو پاڻي اُڇليو ويو، کين زبردستي واپس موڪلڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، بلوچ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، هنن چيو ته احتجاج ڪندڙن جون گُهرون آئيني ۽ قانوني آهن پر حالت اها آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي قيادت ۾ اسلام آباد منجهه لڳل پُرامن ڌرڻو به رياست کان برداشت نٿو ٿئي، نه صرف ايترو پر جيڪو ملڪ جي ٻين حصن ۾ ساڻن يڪجهتي طور احتجاج ڪري ٿو ته رياست ان مٿان به ڪيس داخل ٿي ڪري، سنڌ جو شعور پُرامن بلوچ مزاحمت سان گڏ رهيو آهي ۽ رهندو، رياستي جبر ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا مظلوم قومن ۽ ۾ محڪوم طبقن جي پاڻ ۾ اتحاد کي نٿي ٽوڙي سگهي. هُنن مطالبو ڪيو ته بلوچستان کي رت ۾ وهنجارڻ، ڊيٿ اسڪواڊز جي رياستي پُٺڀرائي ۽ بلوچن جي نسل ڪُشي بند ڪري سموري ملڪ منجهان سياسي سماجي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ جو سلسلو روڪيو وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان مان قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين خلاف ڪميونسٽ پاڪستان پاران ڪامريڊ حافظ عباسي، ڊاڪٽر ولي جاکرو، جمشيد قريشي، نبي سوھو، احمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کنيل ھئا، جيڪي زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام پنھنجي مسئلن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارين ٿا ته کين کنڀي گم ڪري کين بيدردي سان ٽارچر سيلن ۾ ازيتون ڏنيون وڃن ٿيون، سنڌ ۽ بلوچستان مان ھزارين نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، سنڌ ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ طرفان سڄي ملڪ سميت لاڙڪاڻي ۾ به بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان اظهار يڪجهتي، بلوچن جي نسل ڪشي ۽ جبري گمشدگين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪري هٿن ۾ تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، خان غفار خان، ڪمال جنبلات، زاهد حسين، ڪامريڊ بختاور، عبدالسميع، احمد بخش ۽ ٻين چيو ته بلوچن جي نسل ڪشي ۽ جبري گمشدگيون غير انساني عمل آهي. ڪنهن به کنڀيل ماڻهوءَ مٿان ڪيس ثابت ٿين ٿا ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي، عورت تي تشدد بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.