لاهور ( عوامي آواز نيوز ) بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جا اثاثا منجمد ڪرڻ واري عدالتي حڪم کانپوءِ ملڪ رياض ،سندس پٽ علي رياض جا 78 بئنڪ اڪائونٽ سيل ڪيا ويا آهن .
نامياري صحافي عبدالله سهيل طارق جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ بحرياٽائون جون 2 هيڊ آفيسون ۽ شهري آبادي ۾ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض جي نالي 450 ايڪڙ زمين جيڪا شهري علائقن ۾ آهي اها منجمد ڪئي وئي آهي . جڏهن ته ادارا ملڪ رياض جي وڌيڪ اثاثن جي جاچ پڙتال ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته اٽڪل 50 کان وڌيڪ گاڏيون به ضبط ڪيون ويون آهن
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 22 جنوري 2024ع تي شايع ٿي