صحافين کي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت صحافين کي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صحافين کي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، 23 سئو پلاٽن لاءِ درخواستن جي وصولي سومر کان شروع ٿيندي.
محسن نقوي چيو ته صحافي 28 جنوري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، ڪوشش هوندي ته 8 فيبروري کان اڳ پلاٽن جي بيلٽنگ ٿي وڃي.
هن چيو ته صحافين جي حقن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، صحافين جي ڀلائي لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبن تي عمل ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.