ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ مان قومي اسيمبلي جون 61 مان 40 سيٽون پ پ آساني سان کٽي رهي آهي، سنڌ مان قومي اسيمبلي جون وڌيڪ 7 کا 8 سيٽون مقابلو ڪري کٽينداسين.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته گذريل رات ايم ڪيو ايم ورڪرز پ پ آفيس تي حملو ڪيو، ان سان ماحول پرامن نه رهندو، ايم ڪيو ايم کي پنهنجي شڪست واضح نظر اچي رهي آهي۔
هن چيو ته اسان پنهنجي ورڪرن کي روڪي رهيا آهيون پر صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، اسان قانون هٿ ۾ نٿا کڻڻ چاهيون.
Next Post
You might also like