اسرائيل: ڪابينا ۾ اختلاف، بچاءَ واري وزير جي وزيراعظم آفيس تي چڙهائي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءَ واري وزير يو او گيلنٽ وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس تي چڙهائي ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي ڪابينا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب معاملو تقريبن جهيڙي تائين پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب يرغمالين کي آزاد نه ڪرائڻ سگھڻ تي اسرائيلي ڪابينا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته اسرائيلي فوج ۾ به سخت اختلاف شروع ٿي چڪا آهن.
اسرائيلي ڪمانڊر جو چوڻ هو ته حماس جي شڪست کي شڪسب به ڏيون ۽ يرغمالين کي به بچايون اهو ممڪن نه آهي.
ڪمانڊر جو چوڻ هو ته يرغمالين جي واپسي جو تيز ترين طريقو سفارتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.