آصفه ڀٽو زرداري لاهورين جي ٿورائتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) آصفه ڀٽو زرداري بلاول بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت تي لاهور جي عوام جا ٿورا مڃيا آهن.
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته لاهور وارن ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي جمهوريت جا چاهيندڙ آهن ۽ نئين سوچ کي پسند ڪن ٿا، بلاول ڀٽو جو تاريخي جلسو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته لاهور وارن چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو سڀ ڏسي رهيا آهن ته لاهور بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ بيٺو آهي، ن ليگ لاهور وارن جو اهڙو پاور شو نه ڪري سگهي، جهڙو اڄ مختصر نوٽس تي پ پ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي مباحثي جو چئلينج ڪيو آهي، جيڪڏهن ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار ۾ همت هجي ها ته ٽي وي تي لائيو اچي منهن ڏئي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.