ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ سي ٽي اسڪين لاءِ لڳائي ويندڙ انجيڪشن دستياب ناهي.
ذريعن موجب سي ٽي اسڪين لاءِ مريضن کي ڪانٽراسٽ انجيڪشن لڳائي ويندي آهي، جيڪا ڊائو اوجها ڪيمپس، سول ۽ جناح اسپتال ۾ نه پئي ملي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مريضن کي سي ٽي اسڪين لاءِ انجيڪشن ٻاهران آڻڻ جي هدايت ڪئي ويندي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ اها انجيڪشن وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿي رهي آهي، 3 کان 4 هزار رپين ۾ ملندڙ اها انجيڪشن 8 هزار رپين ۾ ملي رهي آهي.
اسپتال انتظاميا موجب درآمد ۾ گهٽتائي سبب انجيڪشن جي کوٽ آهي، جلد مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
هوڏانهن سنڌ جو نگران وڏو وزير معاملي کان لاعلم نڪتو ۽ چيائين ته جيڪڏهن انجيڪشن موجود ناهي ته اها صورتحال سنجيده آهي، ان حوالي سان جلد تفصيل وٺندس.
You might also like