هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايران مان درآمدن ۾ 16 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايران مان درآمدن ۾ 16 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ذريعن موجب جولاءِ کان ڊسمبر 2023 تائين ايران مان درآمدون 48 ڪروڙ 27 لک ڊالر رهيون ۽ ڊسمبر 2023 ۾ سالياني بنيادن تي ايران مان درآمدن ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ ايران مان درآمدون 42 ڪروڙ 17 لک ڊالر ۽ ڊسمبر 2022 ۾ ايران مان درآمدون 7 ڪروڙ 86 لک ڊالر هيون.
ذريعن موجب گذريل مهيني ايران مان درآمدن جو ڪاٿو 8 ڪروڙ 92 لک ڊالر رهيو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ايران تازو واپاري سهڪار وڌائڻ جو 5 سالن جو پلان جوڙيو آهي، ٻنهي ملڪن 2028 تائين ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.