سي ايس ايس امتحان ۾ اميدوارن جي شيٽس جي تبديلي جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) تحت سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جي امتحانن ۾ پيپرن جي تبديلي جو انڪشاف ٿيو آهي.
رپورٽن موجب ايف پي ايس سي جي درخواست تي ايف آءِ اي ايف پي ايس سي جي سيڪريسي برانچ جي اسسٽنٽ نديم کي گرفتار ڪري ورتو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار تي ٻن اميدوارن جي جوابن تي ٻڌل شيٽس تبديل ڪرڻ جو الزام آهي، جوابدار ٻنهي اميدوارن کان شيٽس تبديل ڪرڻ تي 10 لک رپيا ورتا هئا.
ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدار نديم سي ايس ايس 2022 جي ٿيل امتحانن ۾ جوابن جون شيٽس تبديل ڪيون.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اميدوارن جو انٽرويو مطمئن ڪندڙ نه هجڻ تي جاچ ڪئي وئي، ايف پي ايس سي جي 3 رڪني ڪميٽي طرفان جاچ ڪرڻ تي جوابدار نديم جو ڪردار سامهون آيو.
رپورٽن موجب ايف آءِ اي هالار احمد ۽ علي شير نالي اميدوارن خلاف به ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار لاءِ سهولتڪاري ڪرڻ تي ابراهيم نالي شخص خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.