سنيپ چيڪنگ دوران ڪار مان شراب جي کيپ پڪڙي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) هنجروال پوليس شراب جي وڏي کيپ پڪڙي ورتي، لاهور ۾ ڪار سوار جوابدار وٽان 220 مختلف برانڊن جون بوتلون برآمد ڪيون ويون.
لاهور ۾ هنجروال پوليس سنيپ چيڪنگ دوران شڪي ڪار مان شراب جي کيپ پڪڙي ورتي، پوليس سنيپ چيڪنگ دوران شڪي ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو.
اقبال ٽائون جي ايس پي احمد زنير ٻڌايو ته جوابدار گاڏي روڪڻ بدران ڀڄائي، پوليس پيڇو ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو، گاڏي جي تلاشي تي شراب جي کيپ برآمد ٿي، جنهن کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته گاڏي مان مختلف برانڊن جون 220 شراب جون بوتلون برآمد ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.