ورلڊ ڪپ جي تياري پيا ڪيون، تڪڙي ڪو نتيجو ناهي ملندو: شاهين آفريدي

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته تڪڙي ڪو نتيجو ناهي ملندو، ڪجهه شيون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن.
نيوزيلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ فتح کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهين آفريدي چيو 5 ميچن ۾ ڏسڻو هو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم ڪيئن ٺاهيون، نوجوانن لاءِ به آسان ناهي هوندو ته اهڙي ڪنڊيشنز ۾ اهي ڏکين بالرن کي کيڏن.
هن چيو ته اسان ورلڊ ڪپ جي تياري ڪري رهيا آهيون، حسيب الله کي به ان ڪري موقعو ڏنو ته جيئن کيس اڳتي لاءِ اعتماد ملي، اسان سڀ ڪجهه ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڪير ڪهڙي پوزيشن تي مستحڪم آهي، عباس آفريدي سٺو ٽئلينٽ آهي، ان جي هجڻ سان بالنگ ۾ وڌيڪ استحڪام آيو، صائم ايوب سٺو نه کيڏي سگهيو پر هو به باصلاحيت آهي.
سندس چوڻ هو ته سڀني سان افرادي طور ڳالهائي پليئنگ اليون کيڏائي آهي، سمورا فيصلا مشوري سان ٿيا، ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ سدائين سپورٽ ڪندو آهي، ڪاميابي جيان شڪست ۾ سپورٽ ڪندڙ هجي ته توهان مضبوط ٿيندا آهيو، نوجوانن کي کيڏائڻ جو مقصد کين تجربو ڏيڻ هوندو آهي ته اهي تيار ٿي سگهن، بالنگ يونٽ طور سٺو نه کيڏياسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.