پي ايس ايل ترانو نه ملڻ بابت علي ظفر وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ناليواري گلوڪار علي ظفر چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي تراني لاءِ پاڻ رابطو ڪيو هو پر پوءِ معذرت ڪري ڇڏي.
علي ظفر جي مئنيجر خابرو اداري کي ٻڌايو ته هن سال جي پي ايس ايل تراني لاءِ پي سي بي باضابطا طور پاڻ رابطو ڪيو هو.
گلوڪار موجب هو ٻن مهينن تائين پنهنجي ذاتي خرچن تي موسيقارن ۽ ميوزڪ پروڊيوسرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ کانپوءِ پي سي بي لاءِ تراني جا 3 مختلف ورزن کڻي آيو.
علي ظفر چيو ته انهن ورزنز مان هڪ کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ رليز جي تياري جاري هئي ته کيس ٻڌايو ويو پي سي بي ڪجهه سببن جي بنياد تي ان جي تراني سان گڏ اڳتي نٿو وڌي سگهي، هو هن وقت ان سببن جي تفصيلن جي نٿو ڳالهائي سگهي.
گلوڪار جي مئنيجر موجب مبينا طور تي پي سي بي اڳيان ڪنهن پي ايس ايل فرنچائز خدشن جو اظهار ڪيو، جنهن سبب علي ظفر کي پراجيڪٽ کان ٻاهر ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.