پاڪستان ۾ تعليم کان محروم ٻارن جي انگ ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي رهي آهي.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن (پي آءِ اي) طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ 62 لک جي لڳ ڀڳ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
پي آءِ اي موجب رڳو پنجاب صوبي ۾ هڪ ڪروڙ 11 لک کان وڌيڪ ٻار تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 70 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، خيبر پختونخواهه ۾ 36 لک ۽ بلوچستان ۾ 31 لک ٻار تعليم نه پيا پرائين، اسلام آباد ۾ اهڙن ٻارن جو انگ تقريبن 80 هزار آهي.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ٻڌايو ته اسڪول وڃڻ جي عمر جا 39 سيڪڙ ٻار هن وقت اسڪولن کان ٻاهر آهن، بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 65 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
پي آءِ اي موجب ان کان اڳ 17-2016 ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ 44 سيڪڙو هو، 22-2021 ۾ 39 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.