نئين دهلي (ويب ديسڪ) ڀارت ۾ هڪ هوٽل مئنيجر پنهنجي زال کي ٻي عورت سان لاڳاپن جي خبر پوڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو گوا ۾ پيش آيو، جتي هڪ مهانگي هوٽل جي مينيجر پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 29 ورهين جي گرو کٽيار جو واسطو ڀارتي شهر لکنئو سان آهي، جنهن سال اڳ دڪشا گنگوار سان شادي ڪئي هئي ۽ هو گوا جي مهانگي ترين هوٽل ۾ مئنيجر طور ڪم ڪري رهيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب شادي کانپوءِ ٻنهي جا لاڳاپا خوشگوار نه رهيا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر ڇڪتاڻ رهي.
ميڊيا رپورٽس موجب هوٽل مئنيجر گرو کٽيار جا هڪ عورت سان لاڳاپا هئا جنهن بابت سندس زال کي خبر پئي، جنهن کانپوءِ گرو کٽيار کيس مارڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ کيس گوا ۾ سمنڊ تي وٺي وڃي ٻوڙي قتل ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب اتي موجود سياحن گرو کٽيار کي سمنڊ تان موٽندي ڏٺو ۽ شڪ جي بنياد تي سياحن پوليس کي شڪايت ڪئي ته گرو کٽيار پنهنجي زال سان گڏ ويو پر اڪيلو موٽي آيو، جنهن کان پوءِ پوليس گرو کٽيار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، گرو کٽيار قتل کي حادثي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گرو کٽيار پنهنجي زال جو گھٽا ڏيڻ بعد ٻوڙي ماري ڇڏيو
پوليس موجب وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ عورت جو لاش پڻ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.