پاڪستان ٽيڪس آمدني وڌائڻ جو پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽيڪس آمدني ۾ امڪاني شارٽ فال جي صورت لاءِ هنگامي پلان تيار ڪيو ويو.
ذريعن موجب هنگامي پلان تي عملدرآمد جي صورت ۾ ٽيڪس جي مد ۾ ماهوار 18 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي.
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ تي 5 رپيا في ڪلو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي (ايف اي ڊي) لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.
ذريعن موجب ٽيڪسٽائل ۽ ليدر شين تي جي ايس ٽي 15 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته مشينري، ڪچي تيل، سپلائز، خدمتن ۽ ٺيڪن تي به ٽيڪس جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت ٽيڪس آمدني وڌائڻ جو پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ سال ٽيڪس هدف 11 هزار ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو پلان آهي.
ذريعن موجب ايندڙ سال جو ٽيڪس وصولين جو هدف هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 1590 ارب رپيا وڌيڪ هوندو، پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جو ساليانو هدف 918 مان وڌائي 1065 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، هلندڙ سال 30 جون تائين 49 ارب رپيا ۽ ايندڙ سال 147 ارب رپيا واڌو ليوي وصول ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.