احتساب عدالت جي جج رٽائرمينٽ تائين موڪل گهري ورتي

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) بحريا ٽائون جي ملڪ رياض، علي رياض، عمران خان ۽ ٻين خلاف توشاخانا ۽ 190ملين پائونڊ  وارا ڪيس ٻڌندڙ احتساب عدالت جي جج محمد بشير رٽائرمينٽ جي تاريخ تائين  موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي ، نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته محمد بشير 2012 کان نيب ۾ موجود آهي ، هاڻي هن 24 جنوري کان 14  مارچ 2024 تائين موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، موڪل جو ڪارڻ هن بيماري ڄاڻايو آهي، جڏهن ته 14 مارچ 2024 تي موڪل پوري ٿيڻ شرط جج محمد بشير رٽائر ٿي ويندو ، چيو وڃي ٿو ته اصل ۾ جج محمد بشير ماضيءَ ۾ نوازشريف کي سزا ڏني هئي، هاڻي کيس جڏهن نظر اچي رهيو آهي ته  شايد نواز شريف اقتدار ۾ اچي رهيوآ هي  ان ڪري کيس ڊپ آهي ، ٻئي طرف عمران خان ۽ ملڪ رياض جا ڪيس آخري مرحلي ۾ آهن جن کي سزا ڏيڻ کان لنوائي رهيو آهي، ان ڪري دٻاءُ ۾ جج رٽائرمينٽ تائين موڪل تي وڃڻ چاهي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.