پ پ کانسواءِ سمورا سياستدان ”خلائي مخلوق“ مان اميد لڳائي ويٺل آهن:بلاول

ڪوٽ ادو(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ کانسواءِ سمورا سياستدان  ”خلائي مخلوق“ مان اميد لڳائي ويٺل آهن، ڪوٽ ادو ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ رڳو عوام ڏانهن ڏسي ٿي،عوام جي ووٽ سان حڪومت ۾ ايندي آهي، هن چيو ته مون کي سيکاريو ويو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي،اسان تمام مشڪل مرحلي مان گذري رهيا آهيون، ملڪ ۾ تاريخي معاشي بحران آهي، هڪ ڀيرو دهشتگردي جو خطرو نظر اچي رهيو آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري تيزي سان وڌي رهي آهي، اسان امير ماڻهو کي تڪليف ۽ عام ماڻهو کي آرام پهچائينداسين، ٻيون پارٽيون رڳو اشرافيه جي نمائندگي ڪن ٿيون، هاڻي شوبازي سان ڪم نه هلندو، مڃڻو پوندو ته سڄي ملڪ ۾ مسئلا آهن پر جيڪڏهن جدوجهد ڪريون ته انهن مسئلن جو گڏجي حل ڪڍنداسين،هن چيو ته 8 فيبروري تي اليڪشن ۾ ٻن پارٽين ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، تير ئي شينهن جو رستو روڪي سگهي ٿو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.