اسرائيلي بمباري دوران فلسطيني جوڙي جي شادي

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بمباري دوران فلسطيني جوڙي سادگي سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب رفح جي پناهگير ڪيمپ ۾ فلسطيني خاندان پنهنجي ٻچي جي شادي ڪرائي ڇڏي جن جي شادي اسرائيل جي حملي کان اڳ طئي ٿيل هئي پر بمباري ۾ سندن گھر تباهه ٿيڻ کان پوءِ اهو خاندان پناهگير ڪيمپن ۾ رهي رهيو آهي.

Gaza couple marry in tent city by barbed wire border fence | Arab News PK
نوجوان جي پيءُ ماءُ جو چوڻ هو ته جنگ ڊگھِي ٿيندي پئي وئي ان ڪري اسان اهو درست سمجهيو ته هن سوڳوار ماحول ۾ خوشي وِکري ته جيئن ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون اچن ۽ دنيا ڄاڻي وٺي ته اسان جا حوصلا ڪيترا بلند آهن.
شادي جي تقريب ۾ گھوٽ ڪنوار ۽ ڪيمپ ۾ رهندڙ فلسطينين شرڪت ڪئي. گيت ڳايا ويا ۽ کاڌي جو به انتظام ڪيو ويو. ڪنوار روايتي لباس پهريو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.