پاڙيسري ملڪ جي ڳجهي ايجنسي لاءِ ريڪي ڪندڙ جوابدار ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي سولجر بازار ۾ ڪارروائي ڪندي پاڙيسري ملڪ جي ڳجهي ايجنسي لاءِ ريڪي ڪندڙ جوابدار کي پڪڙي ورتو، جوابدار مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ به ملوث رهيو آهي.
سي ٽي ڊي انچارج خرم وارث موجب ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي سيل ڳجهن ادارن سان گڏجي سولجر بازار ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
جوابدار سيد مهدي هاءِ ويليو ٽارگيٽ جي ريڪي ڪرڻ کانپوءِ ان جي انفارميشن پنهنجي گروپ کي ڏيندو هو، ان انفارميشن جي بنياد تي گينگ جا ميمبر ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا.
سي ٽي ڊي انچارج ٻڌايو ته جوابدار جو گروهه مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ ملوث رهيو آهي، گرفتار جوابدار گروهه لاءِ هٿيار گهر ۾ رکڻ ۽ ضرورت پوڻ تي پهچ جو ڪم ڪندو آهي، کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.