چنڊ تي پاڻي ۽ هائڊروجن ٺهڻ جو نظام دريافت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن چنڊ تي موجود اُهو نظام دريافت ڪري ورتو آهي جنهن تحت پاڻي ۽ هائڊروجن ٺهندا آهن ۽ چنڊ جي مٽي ۾ رهجي ويندا آهن. سائنسدانن ان دريافت کي چنڊ تي وسنديون آباد ڪرڻ ڏانهن هڪ ٻيو قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
فلڪيات ماهرن موجب چنڊ تي ٻارڻ بڻائڻ ۽ استعمال ڪرڻ جا دڳ ڳولڻ انسان جي مستقبل لاءِ خلائي جاچ لاءِ گھڻو اهم آهن، چنڊ جي سطح تي موجود پاڻي ۽ هائڊروجن امڪاني طور تي مستقبل ۾ چنڊ تي قائم ٿيندڙ وسندين ۽ ڊگھين خلائي تحقيقن لاءِ اهم وسيلا ثابت ٿي سگھن ٿا.
آمريڪن نيورل ريسرچ ليبارٽري (اي آر ايل) سان واسطو رکندڙ تحقيق جي شريڪ ليکڪ ڪيٿرين دي برگس موجب چنڊ جي سطح تي مستقل ٺڪاڻا هجڻ جي صورت ۾ هائڊروجن امڪاني طور تي هڪ اهڙو ذريعو ٿي سگھن ٿي جنهن کي سڌي ريت استعمال ڪري سگھجي.
ڊاڪٽر ڪيٿرين جو چوڻ هو ته چنڊ تي پهچڻ کان اڳ وسيلن جي نشاندهي ۽ ان کي گڏ ڪرڻ جي سمجهه خلائي تحقيقن لاءِ گھڻي اهميت رکندڙ آهي.
هيل تائين سائنسدانن کي اها ته خبر هئي ته شمسي هوائن ۾ موجود هائڊروجن چنڊ جي مٽيءَ سان ردعمل ڪندي چنڊ تي مٽي ٺاهيندي آهي. پر محققن موجب پاڻي جو بڻجڻ ۽ مٽي ۾ رهڻ جو دارومادار چنڊ جي مٽي ۾ موجود ٻي معدنيا ۽ ٻين عملن تي هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.