ڇا راحت فتح علي سياست ۾ ايندو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستان راڳي راحت فتح علي خان جو چوڻ آهي هت هو هڪ ٽيپ رڪارڊر آهي ۽ هر سياسي جماعت لاءِ گيت ڳائي سگھي ٿو.
لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي راحت فتح علي خان چيو ته ڀارت سان ثقافتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ايندڙ مهيني فيبروري ۾ ورلڊ ٽور تي وڃي رهيو آهيان، آفريقا کان شروع ٿي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا سميت 20 ملڪن جو دورو ڪندس، فلاحي ڪم ڪرڻ پيو وڃان جيڪي اڳ کان ٺهيل فلاحي تنظيمون آهن انهن کي فنڊز ڏينداسين انهن جي مدد ڪنداسين.
سياست ۾ اچڻ جي سوال تي گلوڪار چيو ته نه آئون ان جي قابل نه آهيان جو سياست ۾ شرڪت ڪريان.
2024ع ۾ ڪنهن سياسي جماعت لاءِ گيت ڳائيندئو؟ ان سوال تي راحت فتح علي جو چوڻ هو ته منهنجو هر جماعت لاءِ نغمو هوندو آهي، آئون ٽيپ رڪارڊر جيان آهيان، جنهن پنهنجي ٽيپ لڳائڻي آهي لڳائي وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.