سنڌ هاءِ ڪورٽ جو قيدين جا بيان وڊيو لنڪ تي رڪارڊ ڪرائڻ جي انتظامن جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جيل اختيارين کي قيدين جا بيان وڊيو لنڪ تي رڪارڊ ڪرائڻ جي انتظامن جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان سيشن ججز ڏکڻ، اولهه، سينٽرل، ملير، ٺٽي ۽ سجاول کي خط لکيو ويو آهي.
خط ۾ آءِ جي جيل کي قيدين جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي انتظامن جي هدايت ڪئي وئي آهي.
انسپيڪشن ميمبر موجب جيل اختياريون قيدين جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ جا انتظام ڪن، جنهن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان مدد وٺي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.