ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ ۾ پاڪستان کي ستن وڪيٽن هارائي مسلسل چوٿين ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.
ان ميچ جي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ميچ دوران هڪ تمشائي کي هٿ ۾ اڳوڻي ڪپتان ۽ وزيراعظم عمران خان جو پوسٽر کنيل هيو جنهن سبب پي ٽي آءِ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ميچ جي نشريات روڪي ڇڏي.
وائرل وڊيو بابت هڪ واهپيدار لکيو ته جيئن ئي اسڪرين تي هڪ مخصوص پوسٽر آيو پي ٽي وي طرفان هڪ انتهائي ضروري وقفو ورتو ويو .
ٻئي پاسي پوسٽ جي وائرل ٿيندي ئي پاڪستان تحريڪ انصاف به اِها پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان شيئر ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ وائرل وڊيو شيئر ڪندي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” ڪير ڄاڻي ٿو ته پي ٽي وي ڪرڪيٽ ميچ دوران نشريات اوچتو ڇو بند ڪري ڇڏي ڇا کين خبر پئي ته عمران خان جو پوسٽر ڏيکاريو پيو وڃي؟ .
ان حوالي سان پاڪستان ٽيليويزن طرفان اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو نه ئي ان ڳالهه جي تصديق ٿي سگهي آهي ته پي ٽي آءِ جيڪا دعويٰ ڪري رهي آهي اِها صحيح آهي يا غلط.
You might also like