ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ کانپوءِ فضائي ٽريڪ ۾ به بهتري اچي وئي.
اولهه سميت پاڪستان جي حدن ۾ ايندڙ اڏامن جي انگ ۾ واڌ ٿي وئي، ايران سميت اولهه پاسي کان پاڪستان جي حدن ۾ ايندڙ اڏامن جو انگ معمول تي اچي ويو.
روز 700 اڏامون پاڪستاني فضائي حدن مان گذري رهيون آهن، پاڪ – ايران ڇڪتاڻ سبب پاڪستاني حدن مان گذرندڙ اڏامن جو انگ روز 400 تائين اچي ويو هو.
واضح رهي ته اڏامون پاڪستاني حدن مان گذرڻ سبب سول ايوي اٿارٽي کي وڏي آمدني ٿيندي آهي.
You might also like