اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ پولنگ اسٽيشنز تي ڊيوٽي لاءِ ڏيڍ لک کان وڌيڪ اهلڪارن جي کوٽ آهي.
سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 5 لک 35 هزار 402 سيڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت آهي پر ڊيوٽي لاءِ هڪ لک 67 هزار 733 اهلڪارن جي کوٽ آهي.
پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ اسلام آباد لاءِ پولنگ ڊي تي 3 لک 67 هزار 669 سيڪيورٽي اهلڪار موجود آهن.
اسلام آباد ۾ 4500، پنجاب ۾ هڪ لک 30 هزار، سنڌ ۾ هڪ لک 5 هزار، ڪي پي ۾ 89 هزار 959 ۽ بلوچستان ۾ 38 هزار 210 سيڪيورٽي اهلڪار موجود آهن.
چئني صوبن سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like