شعيب ۽ ثانيا ۾ طلاق، پٽ” اذهان“ ڪنهن وٽ رهندو؟ معاملو طئي ٿي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا ۾ طلاق جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ سندن پٽ پنهنجي ماءُ سان گڏ ڀارت ۾ ئي رهندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ اداڪارا ثناءَ جاويد سان ٻي شادي جو اعلان ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي شادي جون تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي.
شعيب ملڪ جي ٻي شادي کانپوءِ پهرين گهرواري ثانيا مرزا سان عليحدگي جي تصديق به ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب، ٻنهي گڏيل اتفاق سان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، طلاق کانپوءِ جوري فيصلو ڪيو آهي ته سندس پٽ اذهان پنهنجي ماءُ وٽ رهندو ۽ ٻئي گڏجي سندس پالنا ڪندا.
واضح رهي ته جوڙي جي گهر شادي جي 8 سالن کانپوءِ 30 آڪٽوبر 2018ع ۾ پٽ اذهان جي پيدائش ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.