نواز شريف وزيراعظم نه ٿيندو: وڏي اڳڪٿي سامهون اچي وئي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو پر جيڪڏهن ن ليگ مان ڪو وزيراعظم بڻيو ته مريم نواز يا شهباز شريف بڻجي سگهي ٿو.
سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف چونڊ ته وڙهي سگهي ٿو پر چوٿون ڀيرو وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي.
هن چيو يقين سان چوان ٿو ته هاڻ پ پ حڪومت ٺاهيندي، وزيراعظم بلاول هوندو پر جيڪڏهن ن ليگ مان ڪو وزيراعظم ٿيو ته مريم نواز يا شهباز شريف ٿيندو، مستقبل بلاول، مريم ۽ شهباز جو آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مضبوط آهي، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ به پ پ کي اڪثريت ملندي، بيٽ وارا آزاد آهن ۽ اهي بلاول کي ووٽ ڏيندا، جڏهن ته ڪجهه به ٿئي عام چونڊون ملتوي نه ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.