آءِ ايم ايف پاڪستاني معيشت جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ سبب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف جي پاڪستاني معيشت بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 4.5 مان وڌي 8.2 ارب ڊالر ٿي ويا آهي، جولاءِ 2023 کان معيشت درست رستي تي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان معاشي بهتري لاءِ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين سمورا هدف حاصل ڪيا، پاڪستان ۾ توانائي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، بجلي جي پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي.
آءِ ايم ايف رپورٽ موجب پاڪستان ۾ زرعي شعبو 5.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي پر صنعتي شعبو ڏکيائين ۾ آهي ۽ صنعتي شعبي جي اوسر جي شرح رڳو 2.5 سيڪڙو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڊالر جي سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا، مئي 2023 ۾ مهانگائي جي شرح 36 سيڪڙو هئي، جيڪا آڪٽوبر 2023 ۾ 26.8 رهي.
آءِ ايم ايف رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو ۽ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8.5 سيڪڙو هئي، هلندڙ مالي سال اوڳاڙيون ۽ گرانٽس جي ڊي پي جو 12.5 سيڪڙو رهي سگهن ٿيون، جڏهن ته بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.6 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿو، ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدني وڌڻ سٺو سنئوڻ آهي، ٽيڪس، نان ٽيڪس آمدني وڌڻ سان خسارو ڪنٽرول ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.