گھوٽڪي: ساوند سندراڻي تڪرار تان وڌيڪ 6 ڄڻا قتل

گھوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گھوٽڪي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اوطاق تي ويٺل 6 ڄڻا مارجي ويا.
ڳوٺ مرزا چاچڙ ڀرسان سندراڻي برادري جي هٿياربندن اوطاق تي ويٺل ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهمان ٿي آيل ڪنڌڪوٽ واسي پوليس اهلڪار شير محمد ملڪ، سندس پٽ نصيب ملڪ، فيض محمد ساوند، رحمان ساوند سميت 6 ڄڻا مرجي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ساوند برادري جي فائرنگ ۾ خانگي بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ سندراڻي برادري جو هڪ ڄڻو مارجي ويو هو.
ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کيتران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تڪرار تان هيل تائين 30 کان وڌيڪ انساني حياتيون زيان ٿي چڪيون آهن.
ايس ايس پي گھوٽڪي جو چوڻ هو جيستائين قبائلي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل نه ٿيندا تيستائين خونريزي ختم نه ٿيندي، قبائلي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي ۽ سردارن کي به گھرجي ته گڏجي ويهي ڪري مسئلا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.