شعيب ملڪ جي ثناءَ جاويد سان ٻي نه ٽين شادي آهي، وڏي دعويٰ سامهون اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي ثانيا مرزا سان شادي 13 سال قائم رهڻ کانپوءِ ختم ٿي وئي آهي ۽ هن اداڪارا ثناءَ جاويد سان نئين سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي پر سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ثناءَ جاويد سان شعيب ملڪ جي ٻي نه پر ٽين شادي آهي هن پهرين شادي مبينا طور 2002ع ۾ هڪ ڀارتي ناري سان ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، جڏهن شعيب ملڪ 2010 ۾ ثانيا مرزا سان شادي ڪئي ته ڀارت ۾ طوفان مچي ويو ۽ دعويٰ ڪئي وئي ته پاڪستاني آل رائونڊر ثانيا مرزا سان شادي لاءِ ڀارتي شهر حيدرآباد دکن جي ناري عائشه صديقي کي طلاق ڏني.
ڀارتي ميڊيا طرفان شعيب ملڪ جي عائشه صديقي سان مبينا طور 2002ع ۾ شادي جو ڪو ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو .
ان معاملي تي ڪمال راشد خان به وايلا ڪئي ۽ شعيب ملڪ جي مبينا پهرين زال عائشه صديقي سان طلاق جو سبب ثانيا مرزا کي قرار ڏنو، پر هو شادي کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
ياد رهي ته شعيب ملڪ 2010ع۾ حيدرآباد دکن ۾ ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سان شادي ڪئي کين هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.