بجلي بلن تي ڳرا ٽيڪس حڪومت لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو بڻجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي بلن تي لاڳو ڳرا ٽيڪس حڪومت لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو بڻجي ويا.
گذريل ٽن سالن دوران ان مد ۾ واهپيدارن کان 1410 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو انڪشاف ٿيو آهي.
دستاويز موجب ٻن سالن ۾ بجلي بلن تي ٽيڪس وصولي جي شرح ٻيڻي ٿي وئي آهي، 2021 ۾ بجلي واهپيدارن کان 345 ارب رپين کان وڌيڪ وصوليون ڪيون ويون، جڏهن ته 2022 ۾ ان مد ۾ 461 ارب ۽ 2023 ۾ 603 ارب رپين کان وڌيڪ جا ٽيڪس ورتا ويا.
دستاويز موجب ٽيڪس وصولي بجلي جي اصل قيمت کان الڳ آهي، پي ٽي وي فيس جي مد ۾ 25 ارب 70 ڪروڙ، انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 180 اربن کان وڌيڪ وصوليون ٿيون ۽ واهپيدارن واڌو ٽيڪس جي مد ۾ 89 ارب 69 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.