جيڪڏهن عهد جي ڀڃڪڙي نه ٿئي ها ته پاڪستان 71ع ۾ ٻه ٽڪر نه ٿئي ها: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اظهار جي آزادي کي سڃاتو هجي ها ته ليڊر ڦاهي نه چڙهن ها ۽ جيڪڏهن عهد جي ڀڃڪڙي نه ٿئي ها ته پاڪستان 1971ع ۾ ٻه ٽڪر نه ٿئي هئا.
اسلام آباد ۾ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته تنقيد ڪندڙ به جيڪڏهن ان ئي عدالت تي اعتماد ڪري ته اهو عدليا جو امتحان آهي، تنقيد هر ڪو ڪري پر عدليا تي اعتماد به ڪري، جڏهن ته سوشل ميڊيا جو اثر ججن تي نه ٿيڻ گهرجي، جج سوشل ميڊيا جو اثر وٺندو آهي ته هو پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي.
هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ رياستون اظهار جي آزادي کي ڪنٽرول نه ٿيون ڪري سگهن، اسان سچ کي دٻائيندي دٻائيندي هتي پهتاسين، جيڪڏهن عهد جي ڀڃڪڙي نه ٿئي ها ته پاڪستان 1971ع ۾ ٻه ٽڪر نه ٿئي ها، ڇا اسان اڄ اصول تي بيٺا آهيون؟ هر هڪ کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ کان ئي هتي ان کي سزا ڏني ويندي آهي، هڪ غريب مالي پڇيو ته حالتون ٺيڪ ٿي وينديو؟ مان مالي کان پڇيو ته توهان جي ڀرپاسي سچائي آهي؟ مالي چيو اڄڪلهه سچ جو دور ناهي پر سڀ جي سڀني کي خبر آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته جڏهن 18هين ترميم جو معاملو اٿيو ته ڪيتريون ئي قوتون ان جون مخالف هيون، مون کان هڪ ڪورٽ رپورٽر پڇيو ته سپريم ڪورٽ 18هين ترميم تي ڇا ڪندي؟ مان چيو منهنجي راءِ آهي ته سپريم ڪورٽ کي ڪنهن آئيني ترميم کي نه ڇيڙڻ گهرجي، مان چيو هو ته 18هين ترميم جيڪڏهن ڪالعدم ٿي وئي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، خبر لڳي ته اطهر من الله عدالت کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.