شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا ۾ طلاق جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ سان طلاق جي تصديق ٿي وئي.
شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي ڌار ٿيڻ جون خبرون ڊگهي عرصي کان گردش ڪري رهيون هيون، ٻنهي جا لاڳاپا ٺيڪ نه هئا ۽ ٻئي هڪٻئي کان ڌار زندگي گذاري رهيا هئا.
ان دوران ثانيا مرزا اڪثر سوشل ميڊيا تي پٽ سان گڏ تصويرون اَپ لوڊ ڪندي رهندي هئي، پر تصويرن ۾ شعيب ملڪ موجود نه هوندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ به ثانيا مرزا سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام شيئر ڪيو هو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته شادي ۽ طلاق ٻئي ئي ڏکيا فيصلا هوندا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ثانيا مرزا، شعيب ملڪ جي ٻين عورتن سان ميل ميلاپ سبب خوش نه هئي، ثانيا مرزا هڪ عرصي تائين شعيب ملڪ کي نظرانداز ڪندي رهي ۽ نيٺ هوءَ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ شعيب ملڪ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.