منهنجي ۽ بابر اعظم جي اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ سبب نقصان ٿيو: محمد رضوان

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جو چوڻ آهي ته سندس ۽ بابر اعظم جي اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ جو نقصان ٿيو آهي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي محمد رضوان چيو ته جڏهن ڪامبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ائين ٿيندو آهي، ڪپتان ۽ ٽيم ڊائريڪٽر بهترين جي ڳولا ۾ آهن.
رضوان چيو ته ايمانداري جي ڳالهه اِها آهي ته فاسٽ بالر وڪيٽون ناهن وٺي رهيا جنهن سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، سڀني کي لڳي رهيو آهي ته فاسٽ بالنگ وائکي ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ 0-4 جي سرسي حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.