دبئي ۾ دنيا جو بلند ترين ”ڪلاڪ ٽاور“ بڻائڻ جون تياريون

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي پاران دنيا جو بلند ترين رهائشي ڪلاڪ ٽاور ”ايٽرنيٽاس ٽاور“ بڻائڻ جو اعلان سامهون آيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان رهائشي ڪلاڪ ٽاور جي ڊيگهه ساڍا 4 سئو ميٽر (1476) فوٽ هوندي.
ايٽرنيٽاس ٽاور لنڊن جي رهائشي ڪلاڪ ٽاور”بگ بين“ کان چار ڀيرا وڌيڪ ڊگهو هوندو جڏهن ته ايٽرنيٽاس ٽاور نيويارڪ ۾ قائم دنيا جي ڊگھي ترين رهائشي عمارت ”سينٽرل پارڪ ٽاور“ کان رڳو 22 ميٽر (72 فوٽ) ننڍو هوندو.

 Aeternitas Tower in Dubai,
ايٽرنيٽاس ٽاور جي مٿان لڳل گھڙيال کي ان عمارت جي ڊگھي هجڻ سبب 6 ڪلوميٽر پري کان به واضح طور تي ڏسي سگھبو، ان گھڙيال جي ويڪر 30 ميٽر جڏهن ته اونچائي 40 ميٽر هوندي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪڏهن دنيا جي بلند ترين ڪلاڪ ٽاور جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ايٽرنيٽاس جو ٻيو نمبر هوندو، ان کان اڳ دنيا جو بلند ترين ڪلاڪ ٽاور سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ ”مڪه رائل ٽاور“ آهي جنهن جي بلندي 601 ميٽر آهي. جيڪو خوبصورتي ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.