شهدادپور (ويب ڊيسڪ) شھدادپور ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن عورت ۽ ھڪ نينگر سميت 10 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو.
جاني پورا ۾ رولو ڪتن 55 ورهين جي بخت بيگم، نينگر شبير جکرو، اهلڪار نياز حسين، محمد سليم، فيصل شعبان ۽ ٻين زخمين کي ڏاڙھي زخمي ڪيو.
ڪتي ڏاڙهيل شهرين کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو جتي ڇتي ڪتي جي ڏاڙھيل سمورن زخمين کي مرھم پٽي ۽ ويڪسين ڪئي وئي.