ٽيڪسي ڊرائيور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: نازش جهانگير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ مادل نازش جهانگير خان چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٽيڪسي ڊرائيور کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
اداڪارا نازش جهانگير خان هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻڌايو ته هو هڪ ٽيڪسي ڊرائيور هٿان اغوا ٿيڻ کان ڪيئن بچي نڪتي هئي.
اداڪارا چيو ته هن اهو واقعو هن سان ڪراچي ۾ پيش آيو، پر اغوا ڪندڙ هن سميت گاڏي کي ڇڏي فرار ٿي ويو.
اداڪارا ٻڌايو ته آئون 15 تي ڪال ڪري پوليس کي به گھرايو پر اُهو ڊرائيور ٽي ڪلاڪ گذرڻ بعد به نه موٽيو.
هن چيو ته ان کان پوءِ آئون پاڻ ڊرائيو ڪندي آهيان، ان ڏينهن کان پوءِ اڄ تائين ڪنهن به آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور سان سفر ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.