ميرواهه گورچاڻي: گهريلو پريشانين سبب ٻن ٻارن جي ماءُ جو آپگهات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميرواھه گورچاڻي ويجهو ٻن ٻارن جي ماءُ مبينا طور آپگهات ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.

ڳوٺ موهن داس فارم جي رھواسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ سنگهاري ڪولهي گھريلو پريشانين سبب گهر اندر مبينا طور ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آندو.

اطلاع تي ميرواھ گورچاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

ايمبولينس نه ملڻ ڪري عورت جو لاش چوپائي مال واري گاڏي ۾ منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.