ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گيس وري هڪ ذخيرو دريافت ڪيو ويو، جنهن سان روزانو 6.57 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گيس ملندي.
تفصيلن موجب ماڙي پيٽرويلم لميٽيڊ پاران غازيج فارميشن سنڌ ۾ گيس دريافت ڪئي وئي آهي.
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ويب سائيٽ تي ڪمپني جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ماڙي پيٽروليم غازي ۾ هڪ هزار چوڏينهن ميٽر کوٽائي ڪئي، جنهن کان پوءِ گيس جو ذخيرو دريافت ٿيو.
غازيج فارميشن ٽو ۾ گيس جو پريشر ٽي سئو 6 پائونڊ في اسڪوائر انچ ٻڌايو پيو وڃي، ماڙي پيٽروليم جي ان علائقي ۾ 100 سيڪڙو ورڪنگ شيئرز آهن.
You might also like