هوائي گدلاڻي کي منهن ڏيندڙ بهترين وڻ

سري (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ييو وڻ هوائي گدلاڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻوٽن جو سڀ کان بهترين قسم آهي.
تحقيق موجب ان وڻ جا ننڍا ۽ چهنب وارا پن هوا ۾ موجود زهريلن ذرڙن کي روڪڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا.
مختلف وڻڪاري جي منصوبن ۾ اهڙن وڻن جو استعمال ڪيو ويندو آهي جن جا پن خزان جي موسم ۾ ڪِري پوندا آهن، جيتوڻيڪ اِها اُها موسم هوندي آهي جڏهن ڳوٺڻ ۽ شهرن ۾ هوائي گدلاڻ تمام بدتر هوندي آهي.
تنهنڪري سائنسدانن اهڙن سدا بهار وڻن کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز بڻايو جيڪو سڄو سال خاص ڪري سياري جي موسم ۾ هوا کي صاف ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
برطانوي ڪائونٽي سري ۾ قائم گلوبل سينٽر فارم ڪلين ايئر ريسرچ سان واسطو رکندڙ سائنسدانن لنڊن جي هڪ شاهراهه (جتان روز تقريبن 80 هزار گاڏيون گذرنديون آهن) جي ڀرسان 10 سدا بهار وڻ پوکيا.
تحقيق ۾ سائنسدانن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪهڙو وڻ سڀ کان وڌيڪ گدلاڻي ڇڪي ٿو ۽ برسات ۾ ڪهڙو وڻ بهتر انداز ۾ ڌوپجي ذرڙن کي زمين تائين پهچائي ٿو.
سائنسدانن جو خيال هو ته کوري سطحن تي سنهڙا ريشا رکندڙ پنن ۾ ذرڙا وڌيڪ ڦاسي سگھن ٿا. اهڙو ڪجهه سامهون نه آيو.
ان حوالي سان سڀ کان وڌيڪ اثرائتا چهنب واري شڪل وارا پنن هئا. اهڙا پن جپاني سيڊر ۽ لاسنز سائپريس ۾ موجود هوندا آهن.
تحقيق ۾ لڳايل ٻين وڻن ۾ وائبرنم، وائيٽ سيڊر، سِٽڪا سپروس، ڊوارف پائن، چائنيز جونيپر ۽ جيپنيز هولي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.