اداڪارا زويا ناصر جو پنهنجي لاڏاڻي جي افواهن تي ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اداڪارا زويا ناصر پنهنجي موت جي افواهن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ميڊيا تصديق کانسواءِ ايڏيون وڏيون وڏيون خبرون هلائي ڇڏي ٿو جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي.
اداڪارا پنهنجي تازي پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ عورت مارچ، پنهنجي ڪيريئر ۽ پنهنجي موت جي ڪوڙن افواهن بابت ڳالهايو.
زويا ناصر چيو ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجي ڀاڄائي جو لاڏاڻو ٿي ويو هو، آئون پنهنجي ڀاڄائي جي گھڻو ويجهو هيس تنهنڪري آئون سندس اوچتي موت سبب گھري صدمي ۾ هيس.
هن چيو ته ڀاڄائي جي لاڏاڻي جي خبر ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي ته ڪنهن ناصر اديب جي ننهن جي جاءِ تي ڌيءَ لکي ڇڏيو هو، پوءِ منهنجي ڀاڄائي بدران منهنجي لاڏاڻي جون خبرون پکڙجي ويون.
سندس چوڻ هو ته منهنجي لاڏاڻي بابت ڪيتريون ئي خبرون ڇپيون، منهنجن ويجهن مائٽن ۽ دوستن کي به ائين لڳي پيو ته آئون فوت ٿي وئي آهيان.
اداڪارا چيو ته آئون پنهنجي ڀاڄائي جي لاڏاڻي سبب صدمي ۾ هيس ۽ سوشل ميڊيا استعمال نه ڪري رهي هيس جڏهن مون کي منهنجي لاڏاڻي جي خبر بابت معلوم ٿيو ته آئون اهڙن افواهن تي ردعمل ڏيندي پنهنجي زندهه هجڻ جي تصديق ڪئي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته آئون اڳ ئي ڀاڄائي جي ڪري ڏک ۾ هيس ۽ پوءِ پنهنجي ڪوڙي خبر ڏسي وڌيڪ ڏکاري ٿي ويس، ان وقت ميڊيا گھڻي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.