ملڪ ۾ بصرن جي قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بصرن جي في ڪلو قيمت 320 روپين تائين پهچي وئي آهي.
ڳڻپ واري کاتي موجب اسلام آباد ۾ بصر 320. راولپنڊي ۾ 310 ۽ سيالڪوٽ ۾ 270 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿين پيا جڏهن ته پشاور ۾ بصر 280 روپيا ۽ خضدار ۾ 250 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن.
ڳڻپ واري کاتي موجب ڪراچي، لاهور ۽ گوجرانوالا ۾ بصر جي في ڪلو قيمت 240 روپين تائين آهي، فيصل آباد، سرگوڌا، ملتان ۽ بهاولپور ۾ بصرن جي في ڪلو قيمت 220 روپيا آهي جڏهن ته حيدرآباد ۽ بنون ۾ بصر 200 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.
ڳڻتي واري کاتي موجب گذريل هفتي بصرن جي وڌ کان وڌ في ڪلو قيمت 260 روپين تائين هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.