مهوش حيات جو فوٽوشوٽ تنقيد جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مقبول اداڪارا مهوش حيات جو فوٽو شوٽ تنقيد جو شڪار بڻجي ويو آهي.

هن ڀيري اداڪارا جو فوٽو شوٽ ڪجهه مختلف انداز ۾ آهي.

مهوش حيات جي هن فوٽوشوٽ کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

گهڻن ماڻهن مهوش حيات جي بولڊ انداز ۽ لباس کي خراب چيو آهي.

ڪجهه ماڻهن مهوش حيات تي پاڪستاني روايتن ۽ تهذيب کان پري هجڻ جو الزام به لڳايو آهي.

ان کان اڳ مهوش حيات چيو هو ته هو پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪندي آهي ۽ کيس ڪنهن جي تنقيد جي ڪا پرواهه ناهي هوندي.

مهوش حيات هڪ پاڪستاني اداڪارا ماڊل ۽ ڳائڻي آهي جيڪا اردو فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.